اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي في??لي?? مريم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لا??ِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??ڪو??ت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آ??ن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته ??ڪو??ت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.