صدر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي جي ملاقات

image
President Dr Arif Alvi presenting a cheque of Rs 2.5 million to Mr Haider Ali, Paralympian, who won a Gold Medal in Tokyo Paralympics August-September 2021, at Aiwan-e-Sadr, on 22-09-2021.

اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به موجود هئي. صدر ٽوڪيو پيرا اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لاءِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ به پيش ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته راندين جي نئين پاليسي ۾ خصوصي ماڻهن کي به شامل ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena