اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق ملڪ ۾ ??مه??ريت جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز جي ياد ۾ پارليامينٽ جي لان ۾ يادگار جو افتتاح ڪيو. هنن گڏيل طور تي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر آئين جي بالادستي، قانون ج?? حڪمراني ۽ ??مه??ري نظام جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته پنهنجي هيروز ۽ ملڪ، قدرن ۽ ??مه??ريتن جي نصب العين جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي وساري ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ ??مه??ريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سارجنٽ ايٽ آرمز شهيدن کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پارليامينٽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.