اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد زبيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪندي چيو ته ارشد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد زبيري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد زبيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ ن??ان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد زبيري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.