اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي اجازت ??ان??وا??ِ قومي فضائي ڪمپني ??ي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس ??ٺي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آءِ اي جا وڌيڪ شيئرز سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جي وڏن نقصانن جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي اڳواٽ اجازت ??ان??وا??ِ پي آءِ اي جي نجڪاري کي اڳتي نه وڌايو وڃي. تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ ??ي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌڻي ۾ پنهنجو حڪم واپس ??ٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي منصوبي جي راهه هموار ٿي وئي.