ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي، توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪس??ان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳ??لهائيندي هن چيو ته پاڪس??ان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪس??ان روس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقع?? موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪس??ان جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پاڪس??ان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پش??ور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان معاهدو طئي ٿيو آهي. ٻين معاهدن ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به معاهدو طئي ٿي ويو. پاڪس??ان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به معاهدي تي صحيح ڪئي وئي.