اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چ??و ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي ??رابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي ??هتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چ??و ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سردار اياز صادق سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چ??و ته پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي ۽ کين سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي ??اري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.