اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول وا??ي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ڪيٿ سوينڊس?? ڪالهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊ??نم??رڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊ??نم??رڪ ۾ پاڪستان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊ??نم??رڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصاد?? اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي وا??ي وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.