اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو آهي، ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي گذريل ڪ??هه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي، آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻ اسان جو هدف آهي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستا?? کي آمريڪا ۽ جاپان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن آمريڪا ۾ رٿيل پهرين پاڪ – يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2024ع کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ڪانفرنس پاڪستان آمريڪا جي ڪمپنين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر گذريل ڪ??هه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ??دايت تي آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻ اسان جو هدف آهي، ڪاروباري ادار?? کي محفوظ سائبر اسپيس فراهم ڪرڻ لاءِ اسان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستا?? کي آمريڪا ۽ جاپان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي اي گورنمينٽ ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ به ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي انيبلڊ سروسز جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روانگي واپار آمريڪا، برطانيه ڏانهن وڃي ٿو. حڪومت آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، شزه فاطمه چيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن لاءِ قدم جاري آهن. وزيراعظم جي ??دايت تي نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جلد قانونسازي ڪئي ويندي. پاڪستا?? کي پرڏيهي سيڙپڪارن ٽيڪنال??جي پارٽنرز لاءِ پرڪشش مقام طور ڏٺو پيوو ڃي. پاڪستان ۾ هر سال 75 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس ادارن مان تيار ٿي نڪرن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 63 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان اسان سڀني جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.