اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنه??جي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنه??جي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته اسان ج?? ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنه??جي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.