سرگوڌا – 08 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد اسٽيشن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو. اي پي پي سرگوڌا جي اسٽيشن انچارج مخدوم شاهه لطيف پنهنجي ٽيم ??ان گڏ ايم ڊي محمد عاصم کچي جو آفيس اچڻ ت?? شاندار استقبال ڪيو. صدر اي پي پي ايمپلائيز يونين خضر زمان ملڪ، جنرل سيڪريٽري نديم حسين ۽ سيڪريٽري ٽو ايم ڊي ملڪ سليم اعواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. مخدوم شاهه لط??ف ايم ڊي کي آفيس مئنيجمينٽ جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني. هن چيو ته اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن پاليسي ۽ هدايتن موجب پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم ??ان وڊيو، فوٽو، انگريزي ۽ اردو سميت سموريون ??دم??ون فراهم ڪري رهي آهي. شاهه لطيف چيو ته اي پي پي نيوز سروس روزاني جي بنياد تي قومي ۽ علائقائي سطح جي واقعن جو احاطو ڪري ٿي ۽ اٽڪل سمورين اخبارن ۾ جڳهه حاصل ڪري ٿي. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي سرگوڌا جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته منهنجي اولين ترجيح رياستي اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ آهي ته جيئن عالمي ميڊيا چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي. محمد عاصم کچي عملي تي زور ڏنو ته اهي عزم ۽ لگن ??ان ڪم ڪن.