اسلا?? آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي س??براهن جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪ??مت پاران مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ت?? اسلا?? آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪ??مت جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلا?? آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي س??براهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلا?? آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.