اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??ينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو اعلان رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آچر ڏينهن پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ جي ڌمڪي آهي جتي 200 وفد پاڪستان ۾ م??جود هوندا. هن چيو ته اها ڪانفرنس قوم لاءِ گهڻي اهم آهي ڇو ته ان تي ملڪي معيشت ۽ مستقبل جو انحصار آهي. طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي، جيل ۾ م??اقاتون ڪ??دو آهي ۽ خصوصي مراعتون به حاصل ڪندو آهي.