اسلام آباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته بيلا روس ??ان واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ نين منڊين جي ڳولها ضروري آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، صنعتي شعبي ?? پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن، بيلا روس ??ان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ – بيلا روس جوائنٽ منسٽريل ڪميشن جي ستين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کان پهرين وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان بيلا روس جي وفد جي آجيان ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪ – بيلا روس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي سهڪار جو اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۽ بيلا روس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، هن چيو ته پاڪستان جا بيلا روس ??ان مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. گذريل مالي سال ۾ پاڪ – بيلا روس واپاري ڳاڻيٽو 34.88 ملين ڊالر هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ – بيلا روس گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جو ڇهون اجلاس جلد منعقد ٿيندو. هن سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بيلا روس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، زرعي مڪينائيزيشن جي شعبي ?? بيلا روس جي مهارت پاڪست??ن لاءِ فائديمند هوندي. ڄام ڪمال خان وڌيڪ چيوته صنعتي شعبي ?? پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيعا موقعا موجود آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. پاڪ – بيلا روس لاڳاپن ۾ عوامي سطح تي رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته بيلا روس ??ان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. بيلا روس ??ان گڏيل صنعتي منصوبن ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. وفاقي وزير بيلا روس ??ان زرعي مصنوعات جي مٽا??ٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته بيلا روس ??ان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي صنعتي ترقي ڏانهن اڳڀرائي ڪئي ويندي. ڄام ڪمال خان چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيلا روس ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. بيلا روس ??ان سياحت ۽ ثقافتي مٽا??ٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي بيلا روس جي توانائي واري وزير اليڪسي ڪوشنرينڪڪا به جوائنٽ منسٽريل ڪميشن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته هي اجلاس پاڪستان ۽ بيلا روس جي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪندو، پاڪ??ان ۽ بيلا روس وچ ۾ ڊگهي وقت ک??ن لاڳاپا قائم آهن ۽ بيلا روس پاڪستان کي پنهنجو هڪ اهم واپاري شراڪتدار سمجهي ٿو. هن چيو ته هي اجلاس ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ ا??ان جا معاهدا پنهنجا هدف حاصل ڪندا. هن چيو ته بيلا روس ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ??ان گڏ پنهنجي واپاري شراڪتداري کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان ??ان گڏيل فائديمند شراڪتداري جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي صلاحيت تي يقين جو اظهار ڪندي چيو ته باقاعده سياسي ڳالهيون ا??ان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. اليڪسي ڪوشنرينڪڪا چيو ته بيلا روس پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪندو، اقتصادي خوشحالي لاءِ علائقائي رابطا تمام ضروري آهن، ا??ان پاڪستان ۾ نوجوانن جي قيادت هيٺ وڌيڪ منصوبن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين.