اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏي??هن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاق?? وزير چي?? ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو وي??دو. هن چي?? ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وي??دو.