اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر ??اشد منهاس نشان حيدر کي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پائليٽ آفيسر ??اشد منهاس جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر ??اشد منهاس نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي شهادت ماڻي. پائليٽ آفيسر ??اشد منهاس نشان حيدر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ملڪ دشمن غدارن جي ناپاڪ ارادن کي خا?? ۾ ??لائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر ??اشد منهاس نشان حيدر جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. مون سميت پوري قوم پاڪ فضائيه جي ان بهادر فرزند ک?? سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم هٿياربند فوج ج?? جوانن ۽ آفيسرن جي ملڪ جي حفاظت لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.