اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري ج??رل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي ??ي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري ج??رل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول ??وس??ئٽي ج?? نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري ج??رل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي ج?? ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دوران ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.