اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول س??سا??ٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسميات?? تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع ج?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻ??ڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دوري جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي ب??يف??گ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.