اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم مع??ملن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو مع??ملن واري سيڪريٽري، ڊي جي IMPASS ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي IMPASS پاران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي سهولت بابت جامع بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ اسائلم جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي مع??ل ڪرڻ واري 5 جون 2024ع جي سرڪيولر کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو ف??صلو ڪيو ويو. نائب وزيراعظم کي خاطري ڪرائ?? وئي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن جي اندر جاري ڪيا ويندا.