اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف ج??ٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف ج??ٽس قاضي فائز عيسيٰ، ج??ٽس منيب اختر، ج??ٽس منصور علي شاهه، ج??ٽس اطهر من الله، ج??ٽس عائشه ملڪ، ج??ٽس شاهد وحيد، ج??ٽس اظهر حسن رضوي، ج??ٽس يحيٰ آفريدي، ج??ٽس جمال مندوخيل، ج??ٽس محمد علي مظهر، ج??ٽس عرفان سعادت، ج??ٽس نعيم افغان ۽ ج??ٽس امين الدين شامل هئا. چيف ج??ٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ج?? درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي ا??ثر??ت جو آهي. فيصلو ج??ٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ ??ڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. ج??ٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عو??تن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ??ن فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ڪري، سپريم ڪورٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.