اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معا??دن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي موجودگي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ انهن معا??دن تي صحيحون ڪيون ويون. انهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزا??ت جي وچ ۾ قونصلر افيئرز تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي نج??اري واري وزارت ۽ آذربائيجان جي اڪانومي واري وزا??ت جي وچ ۾ رياستي ادارن جي نج??اري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي انصاف واري وزارت ۽ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف واري وزا??ت جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ معدني وسيلن ۽ جيالوجي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سال 29 – 2024ع تي صحيحون ڪيون ويون. ان کانسواءِ آذربائيجان جي ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزارت ۽ پاڪستان جي انفارميش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزا??ت جي وچ ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪش?? ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون.ان کانسواءِ آذربائيجا?? ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ پاڪستا?? ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سائينٽفڪ ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪوآپريشن جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، اسلام آباد ۽ باڪو کي سسٽر سٽيز قرار ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون. سمال ۽ ميڊيم بزنس ڊيولپمينٽ ايجنسي آذربائيجان ۽ سميڊا پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون. ادب جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ نظامي گنجوي انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر آذربائيجان نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداش?? تي صحيحون ڪيون ويون.