راولپنڊي -16 جولاءِ (اي پي پي) ڪينٽ بنون تي دهشتگرد حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ سمورن 10 ئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق 15 جولاءِ تي صبح جو 10 دهشتگردن تي ٻڌل هڪ گروپ بنون ڪينٽ تي حمل?? ڪيو، ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ڇانوڻي جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏي. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ديوار جو ڪجهه حصو ڪري پيو ۽ ڪجهه انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 8 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد (عمر 44 سال، ر??ائش ضلع پونڇ آز??د ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين (عمر 39 سال، ر??ائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد (عمر 28 سال، ر??ائش ضلع نيلم آز??د ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان (عمر 30 سال، ر??ائش ضلع مظفر آباد، آز??د ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد (عمر 22 سال، ر??ائش ضلع مظفر آباد، آز??د ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان (عمر 30 سال، ر??ائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم (عمر 26 سال، ر??ائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي (عمر 34 سال، ر??ائش لڪي مروت) شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق بعد ۾ پاڪ فوج جي جٿن اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جو مقابل?? ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمورن 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙ?? ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز جي ان وقت سر ۽ اثرائتي جواب ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي ورتو ۽ قيمتي معصوم زندگيون بچي ويون. سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ ڪارروائي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڻٿڪ عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.دهشتگردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي حافظ گل بهادر گروپ ڪئي آهي، جيڪو اف??ان??تان مان ڪم ڪندو آهي ۽ ماضيءَ ۾ به پاڪستان اندر دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ افغان سر زمين استعمال ڪندو رهيو آهي. پاڪستان عارضي افغان حڪومت سان مسلسل پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالب?? ڪيو آهي، ته هو دهشتگردن طرفان افغان سر زمين جي مسلسل استعمال کي روڪي ۽ اهڙن عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ان لعنت خلاف مادر وطن ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪندي رهندي ۽ اف??ان??تان مان ايندڙ انهن خطرن خلاف مناسب سمجهندڙ سمورا ضروري قدم کڻندي.