اسلام آباد ?? 02 ??? جولائي (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري سان ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلور ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? ان موقعي تي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل، سياسي ۽ معاسي استحڪام جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جو گڏ هلڻ ضروري آهي، اهم قومي معاملن تي سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ لازمي آهي. غلام احمد بلور ص??ر آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صد?? جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.