اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن ۽ خطي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته ٻنهي طرفن دهشتگردن جي خلاف عالمي جنگ ۾ پنهنجي پنهنجي ڪردار ۽ قربانين کي ساراهيندي ٻطرفي سطح سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي تنظيمن ۾ دهشتگردي جي خاتمي، عالمي منظم ڏوهن، انساني ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم جمهُوريه تاج??ست??ن جي صدر کي مناسب موقعي تي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاج??ست??ن جي سرڪاري دوري جي پڄاڻي تي پا??ست??ن ۽ تاج??ست??ن جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم وچ ايشيائي خطي ۾ دهشتگردي ۽ ان جي مالي مدد جي خاتمي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دوشنبي عمل جي فريم ورڪ ۾ گڏيل قومن سان اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه تاج??ست??ن جي ڪوششن کي ساراهيو. گڏيل بيان موجب افغانستان تي ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، ان حوالي سان هن چيو ته افغانستان جي لاءِ هڪ جامع حڪومت جو هجڻ ضروري آهي. بيان موجب ڌرين نسل پرستي، بنياد پرستي ۽ عدم برداشت جي ٻين قسمن، يا مذهب يا عقيدي جي نالي تي دهشتگرد حملن ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ نئين ۽ اڀرندڙ خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن ۽ گڏيل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 15 مارچ کي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد فراهم ڪرڻ تي تاج??ست??ن جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي تاج??ست??ن جي سرڪاري دوري جي پڄاڻي تي پا??ست??ن ۽ تاج??ست??ن جي گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي پا??ست??ن جي وزيراعظم محمد شهباز شريف 2 ۽ 3 جولاءِ تي تاج??ست??ن جو سرڪاري دورو ڪيو. تاجڪ صدر جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقاتن دوران ڌرين تاج??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري دوران وزيراعظم سان تاج??ست??ن جي پارليامينٽ جي هيـٺئين ايوان جي چيئرمين ذوڪرزاده محمد توير زوير ۽ تاج??ست??ن جي وزيراعظم قاهر رسول زاده پڻ ملاقات ڪئي. تاج??ست??ن جي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن معاملن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت، جاگرافيائي مناسبت ۽ گڏيل عقيدي تي ٻڌل آهن. تاج??ست??ن جي صدر ۽ وزيراعظم تاج??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ گڏيل اعتماد ۽ حصيداري جو حقيقي عڪاس آهي ۽ ان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ نيون راهون هموار ٿينديون. گڏيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، ايس سي او، او آءِ سي، اي سي او ۽ سي آءِ سي اي سميت گهڻ رخي فورمز تي بهترين ٻطرفي تعاون کي ساراهيو جڏهن ته عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم 2029 – 2028ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي جمهوريه تاج??ست??ن جي نامزدگي جي حمايت ڪئي ۽ 26 – 2025ع جي مدي جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پا??ست??ن جي اميدوار طور تاج??ست??ن جي قابل قدر حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم واٽر ڊپلوميسي ۾ تاج??ست??ن جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ تاج??ست??ن جي صدر کي مارچ 2023ع ۾ تاج??ست??ن ۽ هالينڊ پاران نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي 2023ع واٽر ڪانفرنس ۽ 10 کان 13 جون 2024ع تي ٽئين دوشنبي واٽر ايڪشن ڊڪيڊ ڪانفرنس سميت عالمي تقريبن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او منشيات جي خاتمي واري مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ تاج??ست??ن جي قدم جي حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهوريه تاج??ست??ن جي صدر پاران 2025ع کي گليشيئرز جي تحفظ جو عالمي سال قرار ڏيڻ ۽ گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ عالمي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم تاج??ست??ن سان پا??ست??ن جي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت رابطن جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو ٻطرفي تعاون جي 5 ٿنڀن يعني سياسي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع ۽ ماڻهن جي رابطي سميت عوام جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پاران تاج??ست??ن جي ڪواڊريليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمنٽ ۾ ميمبرشپ جي لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده بين الپارلياماني تعاون جو جائزو ورتو، ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل پارليامينٽن ۾ تاج??ست??ن پا??ست??ن پارلياماني دوستي گروپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ لاڀائتي بين الپارلياماني تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي دورن جي انگ ۾ اضافي جي حمايت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ موجوده جوائنٽ ورڪنگ گروپس پاران حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو، ڌرين پاران جوائنٽ ورڪنگ گروپس جي باقاعده ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. ٻطرفي واپار جي موجوده سطح جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته هڪ وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن جي ذريعي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڌرين نئين راهن، موقعن ۽ منصوبن جي ڳولا ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب ڌرين واپاري لاڳاپن بشمول ترجيحي واپاري معاهدي جي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي سامان جي لاءِ ترجيحي منڊيءَ تائين پهچ جي فراهمي تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رستي، ريل ۽ هوائي رابطي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماهرن جي سطح تي مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو. واپار، اقتصادي ۽ سائنسي فني تعاون تي پا??ست??ن – تاج??ست??ن جي گڏيل ڪميشن جي اهميت جو ذڪر ڪندي ٻنهي ڌرين جلد کان جلد اسلام آباد ۾ گڏيل ڪميشن جي ستين اجلاس جي انعقاد جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ قابل اعتماد بجلي جي فراهمي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ڌرين فليگ شپ پاور پراجيڪٽ ڪاسا– 1000 جي جلد تڪميل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي جي تڪميل سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهن جي لاءِ نيون راهون کلنديون جنهن سان ٻنهي طرفن ۽ پوري خطي جي لاءِ خوشحالي ايندي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم تاج??ست??ن جي صدر کي گوادر جي بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ۽ تاج??ست??ن کي پا??ست??ني بندرگاهن جي سهولتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پا??ست??ني بندرگاهون وچ ايشيائي ملڪن بشمول تاج??ست??ن جي لاءِ وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر جي منڊين جي لاءِ انتهائي موثر، مختصر ۽ اقتصادي رستو پيش ڪن ٿيون. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ اڳڀرائي جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن تي ڊسمبر 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پا??ست??ن جي دوري دوران صحيحون ڪيون ويون هيون. وزيراعظم سي پيڪ کي خطي سان پا??ست??ن جي رابطي ۽ ان جي مستقبل جي ترقي جي طور تي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح سي پيڪ جي پهرين مرحلي پا??ست??ن کي هڪ مضبوط انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي جڏهن ته فيز ٽو بنيادي ڍانچي جي ترقي، گرين ڊيولپمينٽ، آءِ سي ٽي، صنعتڪاري ۽ زراعت کي جديد بڻائڻ تي مرڪوز آهي. تاج??ست??ن جي صدر سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پا??ست??ن جي مهارت ۽ صلاحيتن کي سامهون رکندي پا??ست??ني واپارين ۽ ڪاروباري برادري جي آجيان ڪئي ته اهي تاج??ست??ن جي آزاد اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ حصو وجهن. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين واپاري وفدن جي مٽاسٽا، واپاري فورمز/ نمائشن جي تنظيم ۽ تاج??ست??ن پا??ست??ن گڏيل بزنس ڪائونسل جي ميٽنگز جي شيڊيولنگ جي ذريعي ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. تاج??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي اڳواڻن پاران دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ هن ان شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي آهستي آهستي ترقي جي آجيان ڪئي. بيان موجب تاج??ست??ن جي صدر مختلف شعبن ۾ تاج??ست??ن جي سرڪاري ڍانچي جي پيشيوراڻن ماڻهن جي تربيت ۾ پا??ست??ني ادارن جي مهارت کي ساراهيو، ڌُرين ٻنهي ملڪن جي شاگردن جي لاءِ وظيفن جي مٽاسٽا ۽ انعامن جي وسيلي تعليمي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ڌُرين عوام کان عوام جي رابطن جي واڌاري ۾ اسڪالرز، دانشورن ۽ اديبن جي بي پناهه تعاون کي تسليم ڪندي لاڳاپيل مُلڪن جي گادي وارن شهرن ۾ گهٽين/رستن جا نالا ٻنهي مُلڪن جي مشهور ادبي شخصيتن جي نالي تي رکڻ تي پُڻ اتفاق ڪيو، تاج??ست??ن جي صدر ۽ پا??ست??ن جي وزيراعظم ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ تعاون جي نئين دستاويز تي صحيحن کي ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ قانُوني بنيادن تي لاڳو ڪرڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ سازگار موقعو تسيلم ڪيو. وزيراعظم تاج??ست??ن جي صدر جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي دلي ۽ گرمجوشي سان مهمانوازي تي ٿورا مڃيا، پا??ست??ن جي وزيراعظم جمهُوريه تاج??ست??ن جي صدر کي مناسب موقعي تي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت به ڏني.