اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو، 2018ع ۾ ٺهندڙ حڪومت جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان ??ي عملدرآمد کي روڪيو ويو، ڪالعدم تنظيمن سان ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي، حڪومت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي، وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبن سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ خودڪش بم ڌماڪن، ڪراچي، حيدرآب??د ۽ ڪشمور ۾ گولي هڻڻ جي واقعن ۾ اضافي بابت نگهت شڪيل خان، سيد وسيم حسين، رعنا انصار ۽ سبين غوري جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته پشاور ۾ اي پي ايس تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان متعارف ڪرايو ويو، سمورن صوبن ان ??ي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو، آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو ويو، ان ??ي نتيجي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، اهو تاريخ جو حصو آهي. وفاقي وزير چي?? ته 2018ع ۾ چونڊن کانپوءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ جيڪي حڪومتون ٺهيون، انهن نيشنل ايڪشن پلان ??ي عملدرآمد جي حوالي سان ڪا ميٽنگ نه ڪئي جنهن جو عدالت نوٽيس ورتو ته 2018ع کان وٺي 2022ع جي وچ ۾ نيشنل ايڪشن پلان ??ي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪمزوري ڇو آئي؟ وفاقي وزير چي?? ته ان وقت جي حڪومت دهشتگردن سان ڳالهين کي ترجيح ڏني ۽ نيشنل ايڪشن پلان ??ي لاڳو کي روڪيو ويو. وفاقي وزير چي?? ته 2022ع ۾ خ??ي مان ??تحادي فوج جي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چي?? ته حڪومت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي. حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ??مورن صوبن سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حڪومت آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت صوبي سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. هن چي?? ته افغانستان ۾ اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ ٺهندڙ صورتحال پڻ خودڪش حملن ۾ اضافي جو سبب بڻي، ان کانسواءِ هٿياربند بلوچ تنظيمون پڻ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، پاڪستان ??ي حڪومت انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، ان ??ان گڏوگڏ نيشنل ايڪشن پلان ??و جائزو پڻ ورتو پيو وڃي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ بهتري آندي پئي وڃي ۽ ان ??ي پشاور ۾ ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ڪالهه ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ اتي سيف سٽي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، وزيراعظم جو موقف هو ته جڏهن اسلام آب??د ۽ لاهور ۾ اهو نظام موجود آهي ۽ ان ??ان ??من امان ??ي صورتحال تمام گهڻي بهتري آئي ته اهڙي طرح جو نيٽ ورڪ ڪراچي ۾ به هجڻ گهرجي، ان ??ي سنڌ جي وڏي وزير يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ به سيف سٽي جو نظام قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چي?? ته نيشنل ڪائونٽر وائلنس ايڪسٽريمزم پاليسي 2024ع جو مسودو ڪابينا ۾ پهچايو ويو آهي ۽ ان ??ي منظوري ٿي ويندي. هن چي?? ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ هائوس جي ٻنهي طرفن کان گڏجي آواز اچڻ گهرجي ۽ هن ايوان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد ٿيڻ گهرجي ڇو ته جڏهن ڪا لاش ڪري ٿي ته اهو پاڪستانين جو رت هوندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ اسمگلرن ڪسٽم جي اهلڪارن کي شهيد ڪيو، انهن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چي?? ته حڪومت کي دهشتگردي جي حوالي سان پورو ادراڪ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوج ۽ انٽيلي جنس بيورو صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي. نگهت شڪيل جي سوال تي وفاقي وزير چي?? ته 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبن جي ذميواري آهي، ان ??ي باوجود اسان ??موريون صوبائي حڪومتن سان ??عاون ڪري رهيا آهيون. ڪراچي، حيدرآب??د ۽ ڪشمور ۾ امن امان ??ابت معاملا صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت تعاو?? ۽ ??الهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. رعنا انصار جي سوال تي وفاقي وزير چي?? ته صوبن ۾ امن امان ??ي حوالي سان وڏن وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، تازو ئي چي??ي شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ??جلاس ٿيو هو جنهن ۾ چار ئي وڏا وزير موجود هئا، ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا. هن چي?? ته ڪائونٽر ٽيررازم ۽ سيف سٽي جي حوالي سان وفاقي حڪومت تعاون فراهم ڪندي. سيد وسيم حسين جي سوال تي وفاقي وزير چي?? ته حيدرآب??د ۽ ٻين علائقن ۾ امن امان ??و معاملو صوبائي حڪومت آڏو کڻڻ گهرجي، وفاقي حڪومت به صوبن آڏو اهو معاملو اٿاريندي. سبين غوري جي سوال تي وفاقي وزير چي?? ته جتي دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن اتي معاوضن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت ان ??ي عمل پيرا به آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جيڪي اهلڪار شهيد ٿين ٿا انهن جي لاءِ به معاوضن جو طريقيڪار موجود آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت موبائيل سنيچنگ جهڙن واقعن تي معاوضن جي پاليسي جو اعلان ڪندي ته اهو صوبن جي معاملن ۾ مداخلت هوندي.