اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف کي ڪو??ت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح ال??ال?? الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪو??ت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف کي ڪو??ت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح ال??ال?? الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ??ال??ه ٻولهه دوران وزيراعظم مح??د شهباز شريف پنهنجي چونڊ جي موقعي تي ڪو??تي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ڪو??تي وزيراعظم ج?? ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪو??ت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ڪو??ت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي انهن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪو??ت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پاران گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪو??ت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ڪو??ت جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪو??تي حڪومت پاران پاڪستان سان تعاون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.