اسلام آباد– 01 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??عاهدي تي صحيحن سان واپار ک?? سگهه، علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ اقتصادي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن ج?? اظهار پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان موولاموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر ک?? ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تاپي گئس پائيپ لائين جي جلد تڪميل جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو ويو جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملندو پر ملڪ جي توانائي جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر ترڪمانستان جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته ??اڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي صديون پراڻي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان پاران ترڪمانستان سان گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش ج?? اظهار ڪيو. صدر چيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي موجوده ڪاٿي کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ بهتر بڻائڻ جي ضر??رت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??اڪستان ترڪمانستان سان اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي پڻ ضر??رت آهي. سفير صدر ک?? ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ اڳوڻي صدر گربانگولي بردي محمدوف پاران مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ترڪمانستان جي سفير چيو ته ??اڪ – ترڪمان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو نه رڳو ٻنهي دوست ملڪن پر خطي جي لاءِ پڻ اهم آهي. هن چيو ته ??عاهدي سان خطي ۾ وڏيون ٽرانزٽ واپاري سرگرميون شروع ٿينديون. صدر ملاقات دوران ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو ۽ مبارڪباد جي پيغام تي ٿورا مڃيا.