اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??چو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ??يو??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته ??اڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته ??ن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ??وري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، ??چو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ??يو??.