اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت م??جود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي قطر سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ قطر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت م??جود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقي??ار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته غيرملڪي سيڙپ??ار پاڪ??تا?? جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم غز?? ۾ امن جي ڪوششن ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غز?? ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ قطر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي قطر جي امير کي پاڪ??تا?? جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪ??تا?? جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. قطر جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.