اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي آءِ ٽي ر??ان??ي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي ر??ان??ي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شيزه فاطمه خواجه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، شهزاد سليم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي ر??ان??ي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪنداسين. گذريل حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي صنعت جي لاءِ جن منصوبن جي شروعات ڪئي انهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. اسٽارٽ اپس، فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين جا بئنڪنگ سان لاڳاپيل سمورا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته هلندڙ سال آءِ ٽي ر??ان??ي واپار جو متوقع ڪاٿو 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جيڪو خوش آئنده آهي پر اسان کي ان ۾ اضافو ڪرڻو آهي. وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان پڻ هڪ ٺوس رپورٽ جوڙي پيش ڪ??ي وڃي. پاڪستان جي آءِ ٽي جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. اجلاس کي ملڪ ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان تفصلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جون 2023ع ۾ وزيراعظم پاران ڏنل 5 ارب جي آءِ ٽي پئڪيج تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري آءِ ٽي شعبي جي ر??ان??ي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين 7 مهينن ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊيجي – اسڪلز پروگرام تحت هن وقت 17 بيچز ۾ اٽڪل 40 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي ٽريننگ ڏني وئي آهي جنهن ۾ 28 سيڪڙ?? انگ عورتن جو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فري لانسرز جي انگ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي. پاڪستان پنهنجون آءِ ٽي مصنوعات 170 ملڪن کي برآمد ڪري ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال، پاڪستاني اسٽارٽ اپس ۾ 400 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي. وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ر??ان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سمورا ضروري قانوني پاليسي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي پيشيواراڻي ۽ فني تربيت جي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي آءِ ٽي، اي روزگار، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽي، ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ ملڪ ۾ فائيو جي جاري ڪرڻ تي اڳڀرائي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪي آءِ ٽي ر??ان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.