بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تار??خي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن ??يو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آهي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ ا??م خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ترقي کي برقرار رکيو آهي. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ ??هم??ت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي. هن ??يو ته هو پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي ??هم??ت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي ترقي کي وڌ کان ??ڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.