اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ اي اي الخطر ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق مدد علي سنڌي قطري وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي، لساني ۽ عوام هڪٻئي ??ان محبت ڪن ٿا. مدد علي سنڌي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ??ٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي ??ي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي تعريف ڪئي. مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ وڌائڻ جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن وزارت جو عهدو سنڀاليو، استادن جي تر??يت ۽ تعليم جي ??عيار کي اولين ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي ??نهنجن دوستاڻن لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي ??ٽاسٽا ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي ??ُنهن ڏئي ??گهجي ??و. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت ذريعي تيار ڪيل اِي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ جمهوريه قطر جي سفير چيو ته قطر جو عوام پاڪستان سان گهري وابستگي رکي ??و. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارتن جي ??ٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي ??ي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.