اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ اوترو تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جي ا??لا?? دوران چئي. ا??لا?? ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مق??ر پول??س اهلڪارن تي حملي جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پول??س اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پول??س اهلڪارن اسان جي ايندڙ سڀاڻي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ ايتري تيزي ايندي. دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو خاتمو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو.