اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرملڪي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ قانوني دستاويز ۽ ويزا کانسواءِ غيرمحدود عرصي تائين ??اڪ??تان ۾ رهي نٿا سگهن، غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي حوالي سان ??اڪ??تان تي تنقيد ٻاهرئين ملڪن مان ٿي، اسان رڳو اهڙن غيرملڪين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي لاءِ چيو، جن وٽ دستاويز يا ويزا موجود نه آهن. ”هم نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۾ اٽڪل 20 هزار اهڙا افغاني موجود آهن جن آمريڪي اتحادي فوج سان گڏ ڪم ڪيو، افغان حڪومت اڃان تائين انهن 20 هزار افغانين کي پاڻ وٽ منتقل نه ڪري سگهي. هن چيو ته غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن سان دنيا ۾ جيڪو سلوڪ ٿئي ٿو، اهو سڀ ڄاڻين ٿا جڏهن ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي حوالي سان ??اڪ??تان جو رڪارڊ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ لکن جي انگ ۾ افغان شهري قانوني طور تي موجود آهن جن کي صحت، تعليم ۽ ڪاروبار سميت سموريون سهولتون ميسر آهن. هن چيو ته جن غيرملڪين وٽ لاڳاپيل دستاويز يا ويزا نه آهن، اسان رڳو انهن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي لاءِ چيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي آخرڪار فيصلو ته ڪرڻو پوندو ته غيرملڪي ??اڪ??تان جي اندر ڪهڙي حيثيت س??ن ڪيتري دير تائين رهي سگهن ٿا، غيرملڪي افغان شهري هج?? يا ڪي ٻيا، اهي ويزا کانسواءِ غيرمحدود عرصي تائين هتي نٿا رهي سگهن.