اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرع?? شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. نگران وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.