اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقا??لي جا امتحان باقاعدگ?? سان منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوال?? سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران وزيراعظم جي سي??ريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سي??ريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سي??ريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقا??لي جي خصوصي امتحان جي حوال?? سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آهي، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آهن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقا??لي جي امتحانن ۾ اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگ?? سان منعقد ڪيا وڃن، اقليتن جي مقا??لي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افز??ئي سان گڏوگڏ آگاهي مهم پڻ هل??ئي وڃي، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي ۽ سول آفيسرن جي روٽيشن پاليسي کي ان جي حقيقي روح موجب بحال ڪيو وڃي ۽ ان تي سخت?? سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.