اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پولينڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران پولينڊ جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپ?? کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پولينڊ جا سفارتڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن مان فائدو کڻي ??گهن ٿا، پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي پاڪستان جي عوام کي فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پولينڊ جي سفارتخاني پاران منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپ?? کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده مشاورت سان مخ??لف سطحن تي تعاون جي راهه هموار ٿي جيڪا حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ پولينڊ جي اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني جو انتهائي اهم ڪردار آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي، خاص طور تي ايئر ڪموڊور تورووچ جو ڪردار سدائين ياد رکيو وي??دو. هن چيو ته بهاره ڪهو بائي پاس جو نالو تورووچ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاسي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپ?? کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو 899 ملين ڊ??لر هو، اسا?? کي ان ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن پاڪستان ۾ پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني (PGiNG) جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري رهيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو مقصد کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪار?? کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي، پولينڊ جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي ??گهن ٿا. هن چيو ته اسان جون پولينڊ سان اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪيترائي غور هيٺ آهن جيڪو ٻطرفي تعاو?? کي وڌائڻ جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته تازو ئي سفارتي پاسپورٽ جي لاءِ ويزا جي شرط جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ٿيون ۽ ان تي عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن ۽ ثقافتي تعاو?? کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙا معاهدا لازمي آهن.