اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي بحالي جي خدمتن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ان جو دائرو مختلف خصوصي ماڻهن تائين وڌائڻ جي ضرورت آه??. هو پاڪستان ۾ بحالي جي خدمتن جي فروغ لاءِ اسٽريٽجڪ ايڪشن پلان جي تياري جي حوالي سان پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي ??ئي. پنج سالا جامع ايڪشن پلان نيشنل هيلٿ سروسز ريگيويشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، صحت جي صوبائي کاتن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ري ليب ايڇ ايس جي حصيداري سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومت بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان جي سطح تي تيار ڪري رهي آه??. بيگم علوي چيو ته بحالي جون خدمتون صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ انهن ماڻهن جي مدد ڪن ٿيون، جيڪي بيماري، حادثي يا معذوري جو شڪار ٿي معمول جي زندگي ۾ واپس اچن ٿا. هن چيو ته جيتوڻيڪ بحالي جي خدمتن جو دائرو رڳو خصوصي ماڻهن تائين ئي محدود نه هو، جڏهن ته انهن کي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته انهن خدمتن ۾ معاون ٽيڪنالاجي جي فراهمي، تقرير، پيشيواراڻي ٿراپي ۽ پيشيواراڻي بحالي تي ڌيان ڏيڻ شامل آه??. هن چيو ته معذور ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آه?? ۽ جيڪڏهن انهن کي معاون ٽيڪنالاجي، بحالي جي خدمتن ۽ چرپر تائين پهچ ڏني وڃي ته اهي ??عاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مختلف خصوصي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن کي برابر حق ۽ خدمتون فراهم ڪري انهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ شعور بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو. بيگم ثمينه علوي معذوري کي عوامي صحت جو عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ته اهڙن ماڻهن کي هنرمند تعليم ۽ ملازمت جي موقعن جي ذريعي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران مثبت انداز فڪر جي ضرورت آه??. هن مختلف معذور ماڻهن ۽ انهن جي والدين کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نوڪرين جي خصوصي ڪوٽا بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ قومي مهم هلائڻ جو مطالبو ڪيو. هن پرائيويٽ سيڪٽر تي پڻ زور ڏنو ته اهي اهڙن ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪن ته جيئن اهي ??عاشري جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. ڊبليو ايڇ او جي مشن جي سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ معذور ماڻهن جي حقن بابت قومي بيداري مهم جي سربراهي ڪرڻ تي خاتون اول کي ساراهيو. هن بحالي جي خدمتن تائين ماڻهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ انهن کي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته وڌيڪ ڏکيائين کان بچڻ ۽ علاج کانپوءِ جلد صحتياب ٿيڻ جي لاءِ هر ماڻهو کي بحالي جي خدمتن جي ضرورت هوندي آه??. ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايدوائيزر پالين ڪلينٽز حاضرين کي آگاهه ڪيو ته بحالي سان ڪم کي بهتر بڻايو وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي روزاني جون سرگرميون سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان کانسواءِ زندگي جي معيار کي پڻ بهتر بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته اندازن موجب 2.4 بلين ماڻهو آه?? جيڪي بحالي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او بحالي جي خدمتن جي دستيابي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري مشورا ۽ مدد فراهم ڪري رهي آه?? ته جيئن پو??ي دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن ملڪن جي ضرورتن کي پو??و ڪري سگهجي. ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي، ري ليب ايڇ ايس جي گلوبل ڪوآرڊينيٽر ۽ ڊاڪٽر ضياءَ داوڙ پڻ خطاب ڪيو. ڊبليو ايڇ او جي نمائندن ۽ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي ماهرن مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.