اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي محاذ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ي ۽ خوراڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، پا??ي جو بهتر انتظام، ڳوٺاڻي ترقي جي منصوبن کي فنڊ مهيا ڪرڻ ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي آبپاشي نظام کي اختيار ڪرڻو پوندو، زراعت جي ب??يا?? تي ترقي نه رڳو آبادگار جي آمدني کي نمايان طور تي وڌائي سگهي ٿي پر ان سان خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ، قيمتون گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار جي لاءِ اضافي خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خوراڪ جو عالمي ڏهاڙو آڪٽوبر ۾ هر سال عالمي سطح تي ملهايو وڃي ٿو، هي ڏينهن پائيدار زراعت جي اهميت طرف اسان جو ڌيان ڇڪرائي ٿو، ان ڏينهن جو مقصد مختلف پاليسين ۽ قدمن جي لاءِ حڪومتن ۽ ٻين ڌرين جي حمايت حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ غربت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اسان جون ڪوششون انهي صورت ۾ ڪارائتيون ٿي سگهن ٿيون جڏهن زراعت جي شعبي کي مناسب اهميت ڏني وڃي. صدر چيو ته هن سال خوراڪ جي عالمي اداري غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ”پاڻي زندگي آهي، پا??ي خوراڪ آهي: ڪير پٺتي نه رهجي وڃي“ جو جامع عنوان متعارف ڪرايو آهي، اهو عنوان پا??ست??ن جي موجو??ه صورتحال سان انتهائي هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان پا??ي جي طلب ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي، هڪ اندازي موجب هڪ سئو سال جي اندر اسان کي اٽڪل ڇهوڻ تي وڌيڪ پا??ي جي ضرورت پوندي، اسرندڙ ملڪن ۾ پا??ي جي وڌندڙ طلب ۽ زيان جي ڪري پا??ي جي دستيابي ترتيبوار گهٽ ٿي رهي آهي. صدر چيو ته پا??ست??ن جي خوش قسمتي آهي جو اسان وٽ پا??ي وسيلن جو هڪ انوکو امتزاج موجود آهي، سنڌو درياءَ جو نظام دنيا جي وڏن آبپاشي جي نظامن مان هڪ آهي جيڪو اٽڪل 1.5 لک مربع ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي ۽ پا??ست??ن جي ڪل پوکيءَ ٿيل زمين ج?? 83 ??يڪڙو آهي، هماليه ۽ قراقرم جي جابلو سلسلن تي گهٽ ٿيندڙ برفباري ۽ آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان اسان جي پا??ي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ڳوٺاڻي علائقن ۾ گهريلو پا??ي جي استعمال ۾ زميني پا??ي جو حصو اٽڪل 90 سيڪڙو جڏهن ته زراعت جي شعبي ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو آهي، واهن جي پا??ي جي غيريقيني فراهمي جي ڪري سڄي پا??ست??ن جي آبادگارن زميني پمپ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، سنڌ طاس آبپاشي جي نظام ۾ اٽڪل 5 لک ٽيوب ويل پڻ شامل آهن ۽ ان سان اٽڪل 50 ارب مڪعب ميٽر پا??ي پمپ ڪيو وڃي ٿو. صدر چيو ته گهريلو سيڪٽر ۾ به زمين هيٺ پا??ي جو غيرضروري استعمال وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري اهو قيمتي قدرتي ذخيرو تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديليون به وڏن نقصانن جو سبب بڻجي رهيون آهن، 2022ع جي ٻوڏ دوران اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ملڪ کي 30 ارب ڊالر جو مالي نقصان ٿيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي وسيلن جي تحفظ، پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي جي لاءِ سمورين ڌرين جو شامل ٿيڻ ۽ واضح هدف مقرر ڪرڻ ضروري آهي، هدفن جو ب??يا?? ٺوس ثبوتن ۽ ب??يا??ي سببن جي گڏيل سمجهه تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته زراعت جي ب??يا?? تي ترقي نه رڳو آبادگار جي آمدني کي نمايان طور تي وڌائي سگهي ٿي پر ان سان خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ، قيمتون گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار لاءِ اضافي خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته معيشت ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگين ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ اسان جو ڌيان زراعت تي رهندو.