اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان توانا??ي واري نگران وفاقي وزير محم?? علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانا??ي واري ??زا??ت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي توانا??ي واري ??زا??ت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن کي ساراهيو.