اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپ??ل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشورنس ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل مو??ب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي انشورنس ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشورنس ڪمپني صدر کي اپ??ل ڪئي. صدر انشورنس ڪمپني جي اپ??ل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.