اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ وفاقي محتسبن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته تڪرارن جي متبادل ??ل سان عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، مح??سب جي ڪردار جي اهميت جي ڏس ۾ ان بابت ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته وفاقي انشورنس مح??سب آسان ۽ فوري انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ”انشورنس مح??سب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پنج مح??سب بشمول وفاقي محتسب، وفاقي انشورنس محتسب، وفاقي بئنڪنگ محتسب، وفاقي ٽيڪس مح??سب ۽ ه??اسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي مح??سب جي آفيس جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ”انشورنس مح??سب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ سيمينارز جي سيريز جو هڪ حصو آهي جنهن ۾ انشورنس جي شعبي سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي اعليٰ شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو ته جيئن انشورنس جي ڪاروبار ۾ بهتري ۽ شفافيت جي لاءِ قيمتي راءِ ۽ ويزن پيش ڪن. صدر عارف علوي چيو ته انهن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ماڻهن ۾ مح??سب جي ڪردار بابت آگاهي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به هن ان بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن مح??سب جي ڪردار ۽ ذميوارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته مح??سب جي سٺي فيصلن کي قومي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاعلمي ڪو بهانو نه آهي ان جي لاءِ عوام کي متبادل ??ريعن سان انصاف حاصل ڪرڻ جي مختلف طريقن بابت ڄاڻڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪم جي وڌيڪ بار ۽ نظام جي ٻين ڪمزورين جي ڪري عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلا التوا هيٺ رهن ٿا، ان جي لاءِ هن ماڻهن کي ان مح??سب سان رجوع ڪرڻ جي اپيل ڪئي جيڪو آسان، وڌيڪ تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي جو ذريعو آهي. هن چيو ته تڪرارن جو متبادل ??ل عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جو طريقو آهي. هن انشورنس ڪمپنين جي مالڪن کي به اهو چيو ته اهي عوام جي لاءِ بهتر پروڊڪٽس پيش ڪن ته جيئن ماڻهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ ماڻهن ۾ انشورنس ڪمپنين بابت شڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته عام ماڻهن ۾ انشورنس بابت اعتماد کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي انشورنس مح??سب ڊاڪٽر خالد جميل چيو ته ايف آئي او جي آفيس فوري انصاف جي فراهمي جي تصور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان انشورنس مح??سب جي پهچ کي هيٺئين سطح تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان شڪايت ڪندڙن کي انهن جي مسئلن کي خوش اسلوبي سان ۽ گڏيل حل جي ذريعي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل سال دوران وفاقي انشورنس مح??سب شڪايت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ۽ 2.57 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو.