اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ چينج مئنيجمينٽ قدم تحت ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزير ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ۽ سولرائيزيشن پروگرام جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بطور پرڏيهي وزير اهو منهنجو منشور هو ته ??رڏيهي وزارت کي بهترين بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۽ پرڏيهي آفيس جي وچ ۾ بهترين رابطو قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ??رڏيهي وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 منصوبن تي ڪم ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت ۾ 19 منصوبا مڪمل ٿيا آهن جڏهن ته 25 تي ڪم جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??ارن سروس اڪيڊمي، اي ميلنگ، پبلڪ ڊپلوميسي ۽ ڪونسلر سروسز سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ بهتري آندي وئي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت اسان مختلف ??نتظامي شعبن ۾ بهتري آندي آهي جڏهن ته ايڇ آر، فنانس سميت اي ميل سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??وسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ پرڏيهي وزارت ۾ شمسي توانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شمسي توانائي جي منصوبي تي چين جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جي نئين ويب سائيٽ پڻ ڊيولپ ڪئي آهي، چاهيندا هئاسين ته ??ڪ اهڙو پليٽ فارم هجي جيڪو عام ماڻهن جي لاءِ آسان سان پهچ جوڳو هجي. هن چيو ته ??اڪستان دنيا سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، ايف اي ٽي اي جي گري لسٽ مان وقت کان اڳ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي چيو آهي ته دهش??گر??ن کي پنهنجي سرزمين استعمال نه ڪرڻ ڏين، افغانستان جي مسئلن کي اسان بهتر طريقي سان سمجهي سگهون ٿا، مسئلن جي حل لاءِ افغانستان جي هر طرح کان مدد لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته روس – يوڪرين جنگ جي ڪري دنيا کي غيرمعمولي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.