لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ج?? علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيند?? گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ رورل سپور?? آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿيند?? گهرن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي ج?? 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن م??ن 147 گهرن جي تعمير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي ج?? 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تعمير جي لاءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط ??اري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.