اسلام آباد – 12 – جولاءِ (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پ?? ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پ?? ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخو??هه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پ?? ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخو??هه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخو??هه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فر??غ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فا??م دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.