ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙي علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ”ايشيائي ڏس ۾ پاڪستان ۽ جاپان“ جي موضوع تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ جاپان ايشيا کنڊ جي مختلف ڪنڊن ۾ موجود آهن جڏهن ته خطي جي لاءِ انهن جي موقف ۽ ويزن ۾ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. هن چي?? ته پاڪستان کي هڪ اسرندڙ ملڪ طور تي سنگين اقتصادي ۽ ماحولياتي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان وٽ سرد جنگ جي ??رز جي ??لاڪ سياست جي لاءِ وقت نه آهي، اسان پنهنجي 230 ملين ماڻهن کي روزگار ۽ خوشحالي جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ??نگم تي پنهنجي ??سٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي اقتصادي رابطن کي فروغ ۽ واڌويجهه جي ??رح کي وڌائي سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته هو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي بهتر رابطي جي لاءِ ان ويزن جو هڪ اهم حصو سمجهي ٿو، پاور سيڪٽر ۾ چيني سيڙپڪاري پاڪستان جي لاءِ ان وقت ڪارائتي ثابت ٿي جڏهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ??ندش درپيش هئي جنهن صنعتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. هن چي?? ته سي پيڪ ۽ ٻين چيني منصوبن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ??نعتي، زرعي ۽ توانائي جي ??عبن ۾ پيدا ٿيندڙ موقعا ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ مخصوص نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته جاپاني فرمن کي پاڪستان ۾ ڪاميابي ۽ منافعي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي، بنيادي ڍانچي جي ??عمير ۾ انهن جي مهارت ڪنهن کان پٺتي نه آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وسيع ۽ گهڻ رخو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ۾ تعاون جا تمام گهڻا امڪان آهن. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ هڪ ٻي هڪجهڙي حيثيت به ساڳي آهي ڇ?? ته ٻنهي وٽ اهم ۽ ڏورانهن سامونڊي مفاد رکندڙ سامونڊي رياستون آهن. هن چي?? ته پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان عربي سمنڊ جي ??يڪيورٽي ۾ هڪ ڌر طور تسليم ڪيو ويو آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 جي ڪيترائي ڀيرا قيادت ڪئي آهي، پاڪستان جي معاشي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بليو اڪانومي جي ??رقي تمام ضروري آهي، اسان جاپان جي مدد سان ان شعبي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃڻ جي ??ميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته جيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم نه ٿيندو ان وقت تائين علائقائي رابطن ۽ واپار جي ??واهش پوري نه ٿيندي. هن چي?? ته پاڪستان جو موقف سدائين واضح رهيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جيستائين خطي جو بنيادي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ڳالهه ٻولهه ذريعي، گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي ??صولن موجب حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چي?? ته پاڪستان سدائين ان تڪرار جي ??ل لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان وٽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪو حصيدار نه آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته ڀارت مذهبي جنون جي لپيٽ ۾ آهي جنهن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ??مڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته اها ڳالهه حيرت انگيز ۽ مايوس ڪندڙ آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي ??لم ۽ ڏاڍ ۽ هڪ تمام ننڍي پاريسري جي ??لاف ان جي ??شتعال انگيزين تي عالمي برادري خاموش آهي. افغانستان بابت هن چي?? ته پاڪستان ۽ جاپان جا افغانستان ۾ هڪ جهڙا مفاد آهن، افغانستان جي ??من ۽ استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جا مفاد آهن، جاپان افغانستان جي ??ڀ کان مستحڪم اقتصادي حصيدارن مان هڪ رهيو آهي جنهن جي ??اريخ ان وقت کان آهي جڏهن هن افغانستان جي نئين سر تعمير جي لاٰ 2002ع ۾ ٽوڪيو ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي. هن چي?? ته تازو ئي جاپان افغان عوام کي اهم امداد فراهم ڪئي آهي ڇ?? ته هو سنگين انساني ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ترقياتي امداد ۾ جاپان جي مهارت ۽ افغانستان سان پاڪستان جي ??اگرافيائي ويجهڙ??ئپ انساني امداد جي فراهمي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چي?? ته علائقائي قدمن تي تعاون ڪندي پاڪستان ۽ جاپان سارڪ جي ??رقي کي پڻ متحرڪ ڪري سگهن ٿا، گڏيل ڪوششون ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي استحڪام کي وڌائڻ ۽ سارڪ جي ميمبر ملڪن جي ??يراستعمال ٿيل صلاحيتن کي کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون جنهن سان پوري خطي جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ جاپان علائقائي اهميت جي مسئلن خاص طور تي تڪرارن جي ??ل، غربت جي ??اتمي، موسمياتي تبديلين ۽ عالمي صحت جي ??ابت پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چي?? ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اهو ثابت ڪي?? ته پاڪستان دنيا جي ??ڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي، ان قدرتي آفت کانپوءِ پاڪستان عالمي ڌيان انهن ملڪن جي ??راب حالت طرف ڇڪرايو جيڪي موسمياتي تبديلين جو شڪار آهن، اسان نومبر 2022ع ۾ شرم الشيخ ۾ منعقد ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ ۾ جي – 77 ملڪن جي قيادت ڪئي. هن چي?? ته اسان ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 77 ملين ڊالر جي ??مداد جي ??زم تي جاپان جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي ??ڀ کان وڌيڪ زلزلي سٽيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فالٽ لائينز ان کي خاص طور تي زلزلن جي لاءِ حساس بڻائين ٿيون. هن چي?? ته يقينن جاپان پنهنجي ??روعاتي تنبيهه واري نظام ۽ آفتن جي ??طري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ مشهور آهي، پاڪستان کي ان حوالي سان جاپان جي ??جربي ۽ مهارت مان سکڻ جي ??ميد آهي. هن چي?? ته ٻين ايشيائي ملڪن وانگر پاڪستان ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ جاپان جي مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، پاڪستان مان جاپان کي هنرمند ليبر جي ??رآمد جاپان جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿي، پاڪستان وٽ انتهائي هنرمند پيشيور ماڻهو وڏي انگ ۾ آهن. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پڻ ساراهيو جنهن ايشيائي ملڪن جي ??رقي ۽ مالياتي ادارن کي ٺاهڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. هن چي?? ته انسٽيٽيوٽ جي لاءِ جاپان جي ??مايت ان امداد سان هڪ جهڙائي رکي ٿي جيڪا جاپان ايشيائي ملڪن بشمول پاڪستان کي ان جي ??رقي جي ??فر کي اڳتي وڌائڻ ۾ فراهم ڪئي آهي.