اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي ش??راني ۽ ڪيچ ۾ ميجر ثاقب حسين ??ميت 6 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ش??ادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??ن واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي، شهيدن جو مقدس رت قوم تي قرض آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قوم جي بهادر فرزندن جي قرباني سان ئي پاڪستان جو امن ۽ سلامتي ممڪن آهي، اسان جي فوج جا بهادر جوان اندروني ۽ ٻاهرئين ??شمنن جي خلاف ش??هي جي ديوار بڻيل آهن، اهڙيون سڀئي ڪوششون جيڪي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ چاهيون ٿيون، ان جي حوالي سان اسان جو قومي عزم مضبوط آهي. هن چيو ته ??لوچستان جو امن ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي لاءِ سڀ کان مٿانهون آهي.