لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگرا?? وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرا?? علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي ??نهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگرا?? وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مرا?? علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگرا?? وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي ??انيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.