ڪراچي-13 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام ج?? گڏيل ڪوششون آفت کان بچڻ جون حڪمت عملي آهن، قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم ا?? طرفان جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سا??ونڊي طوفان کي نظر ۾ رکن??ي عوام ج?? نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سا??ونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. طوفان بائپر جوائي جي خطري سبب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ به حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي پارٽي چيئرمين جي هدايت جي روشنيءَ ۾ انتظاميه طرفان جاري سرگرمين ۾ ماضيءَ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄاڻايل ضلعن سا?? تعلق رکندڙ پ پ جا ميمبر به پنهنجن حلقن جي عوام ۽ انتظاميه سا?? هر وقت رابطي ۾ آهن.