باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار جي فر??غ لاءِ مفاهمت جي قرارداد تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فر??غ لاءِ پ??ڪستان جي واپار ??اري وز??رت ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وز??رت جي وچ ۾ واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن واري تقريب هتي باڪو ۾ ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ واپار ??اري وزير سيد نويد قمر ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف قرارداد تي صحيحون ڪيون. واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو.